اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حوالدار لالڪ جان شهيد (نشان حيدر) کي سندس 24 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته لالڪ جان شهيد ڪارگل جي جنگ ۾ پنه??جي بي مثال جرئت ۽ بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪيو. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??هباز شريف چيو ته لالڪ جان شهيد ڪارگل جنگ ۾ بي مثال جرئت ۽ بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪيو. ناردرن لائٽ انفرن??ري جي ان جانباز مجاهد انتهائي مشڪل حالتن ۾ ملڪ جو دفاع ڪندي شهادت ماڻي. هن چيو ته قوم پنه??جي شهيدن ۽ انهن جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. شهيد ۽ غازي اسان جو تاج آهن ۽ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي جو فولادي ديوار آهن. وزيراعظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ ان جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.