اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارتنگ ضلعي شانگلا ۾ مٽي جي ڇپ هيٺان دٻجي فوت ٿيندڙ 8 ٻارن جي گهرڀاتين جي لاءِ في ڪس 10 لک رپيا مالي امداد جو ??علان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف مارتنگ ضلعي شانگلا ۾ مٽيءَ جي ڇپ ۾ دٻجي فوت ٿيندڙ 8 ٻارن جي گهرڀاتين جي لاءِ مالي امداد جو ??علان ڪيو آهي. هن هر فوت ٿيندڙ ٻار جي گهرڀاتين جي لاءِ 10 لک رپين جي مالي امداد جو ??علان ڪيو آهي. ڇپ ڪرڻ سان زخمي ٿيندڙ شخص کي به وزيراعظم پاران مالي امداد ڏني ويندي. وزيراعظم مالي امداد جو ??علان پنهنجي صلاحڪار ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر انجنيئر امير مقام جي درخواست تي ڪيو. انجنيئر امير مقام وزيراعظم ک?? خط لکي مارتنگ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ۽ زخمي ٿيندڙن جي امداد جي اپيل ڪئي هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف انجنيئر امير مقام کي متاثر خاندانن سان ملاقات ڪري تعزيت ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.