اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مون اڄ جمعي ڏينهن پاڪستان جي اٺين نيوڪليئ?? پاور پلانٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو ?? اهو چشما تي ٺهندڙ پنجون يونٽ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهو 1200 ميگاواٽ جو منصوبو پنهنجي پڄاڻي تي قومي گرڊ کي صاف ۽ سستي بجلي فراهم ڪندو. هن چيو ته ملڪ جي توانائي جي وڌندڙ ضرورتن جي ڏس ۾ حڪومت پنهنجو ڌيان متنوع انرجي مڪس تي ڏئي رهي آهي ۽ نيوڪليئ?? پاور اسان جي ڊگهي مدي واري انرجي سيڪيورٽي حڪمت عملي جو حصو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان هر شعبي ۾ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل مدد تي چين جا ٿورائتا آهيون. ٻين شعبن وانگر جديد نيوڪليئ?? پاور پلانٽس ق??ئم ??رڻ ۾ چين جو تعاون اهم آهي.