اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) توانائي واري وزارت بجلي جي بلن جي مسئلي تي تجويزن ??ي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي. اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي ٽوئيٽ موجب بجلي جي بلن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ڪالهه سومر ڏينهن توانائي واري وزارت ۾ ٿيو جن??ن ۾ بجلي جي بلن جي مسئلي تي تجويزن ??ي حتمي شڪل ڏ??ي وئي. اهي تجويزون سڀاڻي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون جڏهن ته حتمي فيصل?? وفاقي ڪابينا ڪندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فيصلا ۽ تجويزون منظوري جي لاءِ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون ڇو ته انهن تجويزن ۽ فيصلن جي منظوري جي مجاز رڳ?? وفاقي ڪابينا آهي.