ارومچي – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ چين جي شهر ارومچي پهچي ويو آهي. ارومچي جي عالمي هوائي اڏي تي سنڪيانگ جي گورنر ايرڪن تونياز، سي پي سي سنڪيانگ جي اسٽينڊنگ ميمبر العزت احمت جان ۽ چين ۾ پاڪستاني سفارتي عملدارن سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم ??فيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معام??ن وارو نگران وفاقي وزير جليل عباس جيلاني، گهرو معام??ن وارو نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي، نجڪاري وارو نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد پڻ نگران وزيراعظم ??ان گڏ آهن.