اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني مع??مل?? واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پي آءِ اي جي موجوده صورتحال هڪ ڏينهن ۾ پيدا ناهي ٿي، قومي فضائي ڪ??پن?? جي نجڪاري پڻ نجڪاري جي فه??ست ۾ شامل آهي. سينيٽ ۾ پي آءِ اي جي صورتحال بابت سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته پي آءِ اي جي صورتحال هڪ ڏينهن ۾ پيدا ناهي ٿي، اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ به نجڪاري جو هڪ منصوبو ڏنو ويو نگران حڪومت ان تي عمل ڪري رهي آهي، پي آءِ اي ?? ملازمن جو وڌيڪ انگ ۽ ڀرتين جو مع??مل?? پڻ رڳو ڪنهن هڪ حڪومت سان لاڳاپيل نه آهي، حڪومت ۽ پارليامينٽ جو استحقاق آهي ته اهي ڪهڙي طرح جي پاليسي اختيار ڪن ٿا، پي آءِ اي جي نجڪاري به نجڪاري جي فه??ست ۾ موجود آهي. هن چيو ته پي ايس او به خودمختيار ادارو آهي، اهو بنا پئسي جي ٻارڻ ڪيئن فراهم ڪندو وڏي مشڪل سان فنڊز جو انتظام ڪري رڪيل اڏامن کي بحال ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته اهو مع??مل?? ايندڙ اجلاس ۾ هوابازي واري نگران وفاقي وزير ۽ نجڪاري واري نگران وفاقي وزير جي موجودگي ۾ اٿاريو وڃي ته اهي بهتر جواب ڏئي سگهندا.