اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي روس سان ٻطرفا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شع??ن ۾ تعاون جي فروغ جا تمام گهڻا موقعا موجود آه??. ا??وان صد?? جي پريس ونگ موجب صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ روس جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڊانيلا گاينچ سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان روس سان ڊگهي مدي ۽ گهڻ رخي حصيداري جو خواهشمند آهي، پاڪستان روس سان واپار، معيشت، خوراڪ جي تحفظ، توانائي، دفاع ۽ عوامي رابطن سميت سمورن شع??ن ۾ تعاون چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان روس سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. صد?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ننڍي مدي وارن فورمز تي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو ??ظه??ر ڪيو. هن چيو ته پاڪ روس لاڳاپا گڏيل قومن جي مرڪزيت ۽ اصولن تي ٻڌ?? عالمي نظام جي گڏيل موقف تي ٻڌل آهن. صد?? غزه جي صورتحال، فلسطيني عوام تي اسرائيلي ظلمن تي روشني وجهندي عورتن، ٻارن، صحافين سميت هزارين فلسطينين جي قتل جي مذمت ڪئي. صد?? پاڪستان سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ سفير جي ڪردار کي ساراهيو. صد?? روسي سفير جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو ??ظه??ر پڻ ڪيو.