اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ س??ني??ر ش??لي ف??از چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ادارن تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش آهي، عدالتي فيصلن جو احترام نه ڪرڻ انهن جي پراڻي عادت آهي، کين اهي فيصلا قابل قبول هوندا آهن جيڪي سندن حق ۾ هجن، اهي قانون جو احترام پنهنجي سهولت ۽ منشا موجب ڪندا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ س??ني??ر ش??لي ف??از چيو ته ادارن تي دٻاءُ وجهڻ انهن جو سياسي وطيرو بڻجي چڪو آهي.