اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جدوجهد ??ان پاڪستان جي ماڻهن جون صلاحيتون اجاگر ٿينديون ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍي سگهبو، ماحولياتي تحريڪ هڪ مقدس فرض آهي، الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان??ان کي ٻين جو احساس ڪرڻ گهرجي، اشرافيه پاڪستان جي وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل آهي، قانون جي عدم حڪمراني جي ڪري پاڪستان پنهنجي صلاحيتن مان فائدو نه کڻي سگهيو. هن ا??ڙن خيالن جو اظهار ناليواري اسلامي اسڪالر شيخ حمزه يوسف ??ان آن لائين ڳالهه ٻولهه ۾ ڪيو جيڪو زيتونه ڪاليج جو صدر هجڻ ??ان گڏوگڏ مسلم حياتيات، قانون، فلسفي سميت ڪيترن ئي موضوعن تي مضمونن ۽ مقالن جو ليکڪ پڻ آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪو به معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي جيڪڏهن اتي قانون جي حڪمراني نه هجي. هن چيو ته مهذب معاشري جو بنيادي اصول قانون جي حڪمراني آهي جتي توهان طاقتور کي قانون جي دائري ۾ آڻيو ٿا. هن واضح ڪيو ته اسرندڙ ملڪن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو قانون جي حڪمراني جو نه هجڻ آهي، جتي اميرن جي لاءِ هڪ ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ ٻيو قانون آهي ۽ جيلون به غريبن ??ان ڀريل آهن. هن چيو ته قانون جي حڪمراني نه هجڻ جي ڪري نه رڳو عوام جي اڪثريت بنيادي سهولتن کان محروم آهي پر ملڪ به پنهنجي صلاحيتن مان فائدو نه کڻي سگهيو، ملڪي وسيلن تي اشرافيه جي قبضي جي مسئلي جي ڪري پاڪستاني عوام جي اڪثريت صحت، تعليم ۽ انصاف جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهي. هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ تمام گهڻيون صلاحيتون موجود آهن ۽ ا??ان جي عوام به باصلاحيت آهي. ميرٽ جو تعلق به قانون جي حڪمراني ??ان آهي. جيڪڏهن توهان وٽ معاشري ۾ ميرٽ ڪريسي نه آهي ته اشرافيه قابض ٿي وڃي ٿي ۽ جنهن ڪڏهن ڪا جدوجهد ئي نه ڪئي هوندي آهي اهو به اهم عهدن تي فائز ٿي وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته ماڻهو زوال پذير ناهن ٿيندا پر اشرافيه ئي زوال پذير ٿيندي آهي. هن چيو ته پاڪستان کي نبي ڪريم ﷺ جي مديني جي رياست جي تصور موجب هڪ اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جو خواهشمند آهيان. هن چيو ته ا??ان پاڪستان جو بنياد ٻن اصولن تي رکڻ چاهيون ٿا، جن ۾ پهريون اصول فلاحي ۽ انساني رياست آهي جيڪا معاشري جي هيٺئين طبقي جو خيال رکي ۽ ٻيو اصول قانون جي حڪمراني آهي. وزيراعظم عمران خان موسمياتي بحران جي حوالي ??ان ڳالهائيندي چيو ته ماحول جو تحفظ هڪ مقدس فرض آهي پر جيڪڏهن توهان ا?? مقدس عمل کان مڪمل لاتعلق ٿي وڃو ٿا ۽ رڳو ماديت پرست ٿي وڃو ٿا ته ائين ئي ٿيندو آهي جيئن هن وقت دنيا ۾ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مقدس جو بنيادي مطلب ٻين جو احساس ۽ همدردي آهي. هن چيو ته دنيا جي سڀ کان وڏي ماحولياتي تباهي جنهن کي موسمياتي تبديلي جو نالو ڏنو وڃي ٿو ان جي ڪري ان??ان قدرت کان تمام گهڻو پري ٿي ويو آهي. هن چيو ته ا??ان جي نبي ڪريم ﷺ جو فرمان آهي ته آخرت جي لاءِ ائين جيئو جيئن توهان کي سڀاڻي ئي مري وڃڻو آهي، پر توهان جا اعمال اهڙا هجڻ گهرجن جو جيڪڏهن توهان سڀاڻي مري وڃو ته الله تعاليٰ جي آڏو حساب ڏئي سگهو پر دنيا ۾ ائين جيئو جيئن هزار سال جيئڻو آهي. وزيراعظم چيو ته توهان موجوده وقت ۾ جيڪو ڪجهه به ڪري رهيا آهيو توهان کي ان جي اثرن بابت سوچڻ گهرجي جيڪي انسانيت تي وڌيڪ هزار سالن تائين پوندا. هن چيو ته اهو نبي ڪريم ﷺ جو عظيم فرمان آهي ڇو ته انهن ماحوليات ۽ زمين بابت فرمايو آهي ته ان تي ڪهڙي طرح زندگي گذارڻ گهرجي، نبي ڪريم ﷺ هر شيءَ جو مڪمل احاطو ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته پوري ماحولياتي تحريڪ هڪ مقدس فرض آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ا????ان الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته ان??ان کي ٻين جو احساس ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ سياسي نظام جي ذريعي جيڪا قيادت سامهون آئي اها عقيدي جي اصولن کان بلڪل جدا ٿي وئي، اها اقتدار جي لاءِ آئي ۽ ان ا??تدار ۾ رهڻ جي لاءِ ٺاهه ڪيو ۽ ڪيترن ئي سياستدانن ا??تدار ذاتي فائدي جي لاءِ حاصل ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسرندڙ دنيا ۾ اڪثر سياستدان پنهنجي مفاد ۽ پئسو ڪمائڻ جي لاءِ ئي اقتدار ۾ اچن ٿا. بدقسمتي ??ان تمام گهٽ نيلسن منڊيلا وانگر هئا جيڪي ڪنهن اعليٰ مقصد جي لاءِ اقتدار ۾ آيا. وزيراعطم عمران خان چيو ته باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح اها شخصيت هئي جيڪا هڪ عظيم مقصد جي لاءِ آئ?? هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته موجوده دور ۾ سياستدانن کي حقارت جي نگاهه ??ان ڏٺو وڃي ٿو ڇو ته اهي چون ٿا ته ا??ان عوام جي خدمت لاءِ آيا آهيون پر حقيقت ۾ اهي پنهنجي ذات جي ئي خدمت ڪن ٿا. هن چيو ته آئون پنهنجي عقيدي جي ڪري سياست ۾ آيو آهيان. مون وٽ سڀ ڪجهه هو. اسپورٽس اسٽار جي حيثيت ??ان اڳ ۾ ئي ملڪ ۾ منهنجو هڪ وڏو نالو هو ۽ مون وٽ دولت ۽ شهرت هئي. ان لاءِ 22 سالن تائين جدوجهد ڪرڻ جو منهنجو مقصد رڳو وزيراعظم بڻجڻ نه هو. ان جو سبب رڳو اهو هو ته مون کي يقين هو ته معاشري جي لاءِ منهنجي ڪا ذميواري بڻ??ي ٿي ڇو ته مون کي ٻين کان وڌيڪ عطا ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سمورن مذهبن موجب ان??ان جي آزمائش اها آهي ته ان کي جيڪو ڏنو ويو آهي ۽ انهي موجب ان جو حساب ورتو ويندو. هن چيو ته ا??ان جو خدا ا??ان کي سموريون نعمتون ڏئي آزمائيندو، آئون سياست ۾ ان لاءِ آيس ڇو ته مون کي ان تي يقين هو مون محسوس ڪيو ته آئون تمام گهڻو خوش قسمت آهيان جو مون کي معاشري جي لاءِ ذميواري ملي آهي. هن چيو ته آئون ذاتي مفادن ۽ اقتدار جا فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ سياست ۾ نه آهيان. وزيراعظم چيو ته ان??ان جي وس ۾ جدوجهد ڪرڻ هوندو آهي ڪاميابي الله جي عطا آهي. هن چيو ته جڏهن نبي ڪريم ﷺ مديني جي رياست قائم ڪئي ته پاڻ ﷺ انهن ماڻهن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو جيڪي سڀ جا سڀ رهنما بڻجي ويا. هن چيو ته ماڻهو هڪ جهڙي سازگار ماحول جي لاءِ پاڪستان کان ٻاهر وڃن ٿا ۽ اتي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ رڳو هڪ سيڪڙو عوام کي معياري تعليم تائين پهچ حاصل آهي جڏهن ته ٻين وٽ موقعا ئي نه آهن. هن چيو ته موجوده پاڪستان ۾ جدوجهد ??ان پاڪستان جي ماڻهن جون صلاحيتون اجاگر ٿينديون ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍي سگهبو. ملڪ ۾ عوامي ڀلائي جي حوالي ??ان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو فلاحي پروگرام شروع ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ا??ان جو مقصد ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ، دولت پيدا ڪرڻ ۽ ان کي پکيڙڻ ۽ اشرافيه ۽ مافياز جي هڪ هٺيءَ جو خاتمو آهي. هن چيو ته اهو سچ آهي ته عقيدو ان??ان کي باوقار بڻائي ٿو ۽ انهي ??ان ان??ان کي آزادي ملي آهي. وزيراعظم چيو ته امير اهو هوندو آهي جنهن جو ضمير خريد نه ڪري سگهجي. هن چيو ته خوداعتمادي ان??ان جي سڀ کان وڏي خوبي آهي.