اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن (پي ٽي وي) ترڪيه جي سفارتخان?? جي تعاون سان ”ورلڊ ترڪش ڪافي ڊي“ ملهايو جنهن ۾ ترڪيه جي شاندار ثقافت ۽ ان جي مشهور ڪاف?? جي روايت کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب جو مقصد پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ ۽ تاريخي، ثقافتي ۽ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو، اطلاعات و??ري وفاقي سيڪريٽري ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر پي ٽي وي عنبرين جان، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اسپيشل انيشي ايٽوز ڊاڪٽر دانيال سليم، ڊائريڪٽر نيوز ڊاڪٽر هارون الاهي، انچارج پ?? ٽي وي ورلڊ نمود مسلم ۽ ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز چوڌري محمد سليم سميت نيوز سينٽر جي ملازمن شرڪت ڪئي. مهمانن جي آجيان ڪندي اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهري ۽ ويجهي لاڳاپن تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ پراڻي ۽ مضبوط ڀائيچ??ري جو رشتو قائم آهي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير ترڪش ڪافي کي ترڪيه جي مهمان نوازي جو حقيقي عڪاس قرار ڏيندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته ثقافت ۽ فنون جي شعبن ۾ تعاون سان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ عوام جي سطح تي لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا. پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ترڪش ڪاف?? جي تاريخي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته ترڪش ڪافي رڳو هڪ مشروب نه آهي، هي هڪ شاندار روايت آه?? جيڪا صدين کان هلندي پئي اچي، ان جي تي??ري هڪ ڏکيو عمل آه?? جيڪو اسان جي ڀرپور ثقافتي ورثي جو اظهار آهي. هن چيو ته ترڪش ڪافي گانن ۽ شاعري کي پڻ متاثر ڪيو آهي ۽ ان کي اسان جي تاريخ هڪ نمايان علامت بڻائي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اطلاعات و??ري وفاقي سيڪريٽري ۽ پي ٽي و?? جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عنبرين جان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپن تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ثقافتي، تاريخي ۽ گهرا مذهبي رشتا موجود آهن جيڪي هاڻي گهري اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. ڪاف?? جي گڏيل محبت اسان کي وڌيڪ ويجهو آندو آه?? جيڪا اسان جي گڏيل ثقافتي تعريف جي عڪاسي ڪري ٿي. تقريب ۾ شريڪ مهمان ترڪيه جي ڪافي مان لطف اندوز ٿيا ۽ ان کي ترڪيه جي مهمان نوازي جو حقيقي تجربو قرار ڏنو. واضح رهي ته پي ٽي وي ثقافتي سفارتڪ??ري ۽ گڏيل روايتن جي ذريعي عالمي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ورلڊ ترڪش ڪافي ڊي جهڙيون تقريبون پاڪستان ۽ ان جي اتحادين جي وچ ۾ بامعنيٰ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ رياستي نشرياتي اد??ري جي ڪردار جي توثيق ڪن ٿيون.