اسلام آباد ??? 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته م??جو??ه صورتحال خاص طور تي ر??ضان مهيني کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ ۽ ٻين ضرورت جي شين جي طلب ۽ پهچ تي گهري نظر رکي وڃي ته جيئن وقت سر فيصلا ڪري سگهجن ۽ ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ خوراڪ جي کوٽ نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ?? ڪڻڪ جي اسمگلنگ جي ر??ڪٿام، مڪڙن جي خاتمي جي حوالي سان قدمن ۽ ايندڙ سال معياري ڪڻڪ جي پيداوار حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??هتر ٻج جي استعمال جي حوالي سان تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.