اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر جي منطق نرالي آهي، مسجدون کلڻ تي اعتراض ڪن ٿا پر پارليامينٽ کولڻ جي لاءِ بي تاب آهن، شهباز شريف هڪ طرف ڪورونا وائرس جي خوف ??ان نيب جي ٽي رڪني جاچ ٽيم جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي سماج?? فاصلي تي اصرار آهي، ٻئي طرف سوين پارليامينٽرينز جي موجودگي ۾ اجلاس طلب ڪرڻ تي ضد ڪري رهيو آهي، اجلاس گهرائڻ اس??يڪر جو استحقاق آهي حڪومت کي ڪو اعتراض نه آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ?? هن چيو ته (ن) ليگي قيادت قول ?? فعل جي تضاد جو زندهه مثال آهي.