اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ق??مت?? پٿرن جي شعبي ۾ درپيش مسئلن جي حل ۽ ان جي فروغ جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته قدرت پاڪستان کي تمام گهڻن قد??تي وسيلن سان نوازيو آهي، ق??مت?? پٿرن جي شعبي جي فروغ سان نه رڳو نوجوانن جي لاءِ ن??ڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻ ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ملندي. هو ملڪ ۾ موجود مختلف جواهر جي قد??تي ذخيرن کي استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ موجود ق??مت?? پٿرن (زمرد، لعل، ياقوت، نيلم) جي تصديق ٿيل ذخيرن، شعبي ۾ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ، جواهر جي حوالي سان پرڏيهي سيڙپڪاري، روانگي واپار ۽ ان ڏس ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي غور ڪيو وي??. ق??مت?? جواهر جي شعبي ۾ ملڪي صلاحيت مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ ۽ ان حوالي سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ??ي ڏس ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ لاڳاپيل ايشوز تي پڻ تفصيلي غور ڪيو وي??. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته قدرت پاڪستان کي تمام گهڻن قد??تي وسيلن سان نوازيو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ انهن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ تي ڪو ڌيان نه ڏنو وي??. جواهر جي شعبي جي فروغ سان نه رڳو ان سيڪٽر ۾ نوجوانن جي لاءِ ن??ڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ملندي.