اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا حڪومت جي موثر حڪمت عملي جي ڪري ڪ??رونا وائرس جي مجموعي ڪ??سن ۽ فوتگين جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي عوا?? کي اپيل ڪئي آه?? ته اها عيدالاضحيٰ ۽ محرم الحرام تي بچاءُ جي ايس او پيز ۽ گائيڊ لائينز تي سئو سيڪڙو عملدرآمد يقيني بڻائين، وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو ته 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن جي ڀرپور مذمت ڪئي ويندي، وزيراعظم عمرا?? خان ڪشمير جو دورو ڪندو ۽ سينيٽ جو به خصوصي اجلاس گهرايو ويندو، وفاقي ڪابينا گذريل مهيني پيٽرول جي کوٽ تي جاچ جي لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آه??، ملڪ ۾ ڪڻڪ، اٽي ۽ کنڊ جي کوٽ نه آه??، ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ ضلعي انتظاميا کي هدايتون ڏنيون ويون آه??، يورو فائيو پيٽرول جي فراهمي ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندي، ڪراچي ۾ برساتن کانپوءِ سيوريج جو نظام مڪمل طور تي فيل ٿي چڪو آه??، ڪراچي جي صورتحال ڏسي اهو لڳي ٿو ته اتي ڪ??هن جي به حڪومت نه آه??، وزيراعظم عمرا?? خان صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي پگهارن ۽ رهتن جي فراهمي نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمرا?? خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پيپلزپارٽي ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي ترقي لاءِ ڪو به ڪم ناهي ڪ??و، وفاقي حڪومت ڪراچي جي عوا?? کي سنڌ حڪومت جي رحم ڪرم تي نه ٿي ڇڏي سگهي، ڪراچي ۾ حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي هدايت ڪئي وئي آه?? ته اهي ڪراچي جي ماڻهن سان رابطي ۾ رهن ۽ نيڪاسي جي نظا?? کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وفاق انهن کان تجويزون گهريون آه??.