اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته ڪشمير تي پاڪستان جي سياسي قيادت متفق راءِ رکي ٿي، پوري پاڪستاني قوم ڀ??رت جي قدم جي مذمت ڪندي ڪشميرين سان يڪجهت?? جو ڀرپور اظهار ڪيو، ڀ??رت هاڻي انڊيا بدران هنديا بڻجي چڪو آهي، جيڪا گانڌي ۽ نهرو جي فلسفي جي نفي آهي، ڪشميرين جي دل ڀ??رت کان تنگ ٿي چڪا آهن، اهي شڪست کائي چڪا آهن، خودمختيار?? جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون، ڪشمير انشاءَالله آزاد ٿيندو ۽ پاڪستان جو حصو بڻجندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير تي خاص سيشن منعقد ڪرڻ خوش آئنده آهي، اهو خوش آئنده آه?? ته ڪشمير تي سياسي قيادت متفق راءِ رکي ٿي، مخالف ڌر جا ٿورا مڃان ٿو جنهن فهم ۽ فراست ۽ دورانديش?? جو مظاهرو ڪيو ۽ سياست کان ڪشمير مسئلي کي مٿانهون رکيو ۽ تنقيد ۾ به تعمير جو پهلو آهي جنهن جو مقصد بهتر طريقي سان ان معاملي تي اڳڀرائي ڪرڻ آهي، اڄ پوري پاڪستاني قوم جا ٿورا مڃان ٿو جنهن ڪشمير ڪاز سان يڪجهت?? جو اظهار ڪيو. سڄي ملڪ ۾ ڀ??رت جي 5 آگسٽ جي قدم جي مذمت ڪئي وئي آهي، ننڍن ننڍن ڳوٺن سميت ٿر ۾ به سوين ماڻهو ڀ??رت جي مذمت ۾ نڪتا آهن، نه رڳو اندرون پر ٻاهرئين ملڪ به پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن، پاڪستاني سفارتخانن ۽ مشنز کي متحرڪ ڪيو ويو آهي، ڀ??رت 5 آگسٽ تي وڏي حماقت جو مظاهرو ڪيو ان جي قدم سان سڄي دنيا ۾ اهو مسئلو اجاگر ٿيو، ڀ??رت جي قدم جي خ??اف سڄي دنيا جي ميڊيا ۾ مضمون شايع ٿيا، پاڪستاني قوم 5 آگسٽ جي ڀارتي قدم کي رد ڪري ڇڏيو آهي، مظفرآباد ۾ سمورين سياسي پارٽين وزيراعظم سان يڪجهت?? جو پيغام ڏنو آهي، ڀ??رت جي اندران تنقيدي آواز اٿي رهيا آهن، مودي جي پاليسي کي پاڻ ڀ??رت جي اندر ناڪام چيو پيو وڃي، ڀ??رت هاڻي انڊيا ما?? هنديا بڻجي چڪو آهي، اها گانڌي ۽ نهرو جي فلسفي جي نفي آهي، مودي بابري مسجد جي جڳهه تي رام مندر جو بنياد رکي رهيو آهي، آئون اميد ڪريان ٿو ته پوري مسلمان امت ان جي مذمت ڪندي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو کي هڪ سال گذري ويو، اڄ به انساني حق معطل آهن، ميڊيا تي پابنديون آهن، عالمي ادارن کي داخلا جي اجازت نه آهي، نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، ڀ??رت شڪست کائي چڪو آهي، ڪشميرين جا دل ڀ??رت کان تنگ ٿي چڪا آهن، اسان ٻيهر سلامتي ڪائونسل ۾ اهو مسئلو اٿاري رهيا آهيون، پاڪستان جي نئين نقشي کي سڀني متفقه طور تي منظور ڪيو آهي، ڪشميرين جي خ??دمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن سان گڏ بيٺل آهيون، ڪشمير انشاءَ الله آزاد ٿيندو ۽ پاڪستان بڻجندو.