اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 12 س??پٽمبر 2020ع کا انٽرا ??فغ??ن ڳالهيون شروع ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آخرڪار اسان جي گڏيل ڪوششن رنگ لاتو آهي جنهن جو ??فغ??ن عوام کي ڪيترن ئي سالن کان انتظار هو، هن چيو ته تقريبن 40 سالن تائين ??فغ??نين مسلسل تڪرارن ۽ رتوڇاڻ کي منهن ڏنو آهي، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي واقعن، قيمتي جانين جي نقصانن ۽ وڏ?? معاشي نقصانن کان آگاهه آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته مون هڪ ڊگهي عرصي کان اها ڳالهه واضح ڪندو آيو آهيان ته ??فغ??نستان ۾ تڪرارن جو ڪو فوجي حل نه آهي، ۽ تڪرارن کي صرف سي??سي ڳالهين جي ذريعي ئي حل ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته پاڪستان اڻٿڪ ڪوششن سان ??فغ??ن امن عمل ۾ مدد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اڄ اهو وقت اچي پهتو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان تمام گهڻي خوشي محسوس ڪ??يون ٿا ته اسان ان حوالي سان پنهنجي ذميداري پوري ڪئي آهي