اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 736 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 10 متاثر مريض ان وائرس س??ب فوت ٿيا جنهن مان 10 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس س??ب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 28 هزار 534 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 7 هز??ر 843، پنجاب ۾ 9 هزار 639، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 459، اسلام آباد ۾ 4 هزار 406 ، ب??وچ??تان ۾ هڪ هزار 72 ، گلگت بلتستان ۾ 409، آزاد ڪشمير ۾ 706 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 9 هزار 136 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ ب??وچ??تان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 91 مريض آ??ن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 9 هزار 642 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 25 هزار 480 آهي.