اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي کي ??نيا جي سامهون بي نقاب ڪنداسين، ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن سميت هر عالمي فورم تي اجاگر ڪندا رهنداسين، ڀارت پاڪستان ۾ رياستي دهشتگردي ۾ ملوث آه??، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم بندڪري ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي ??نهن جو خودمختياري وارو حق ڏنو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير جي يوم سياهه جي موقعي تي پنهنجي خصوصي وڊيو پيغام ۾ ڪيو.