اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعمير??تي شعبي جي لاءِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اربين روپين جا تعيمر??تي منصوبا شروع ٿي چڪا آهن، ان سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا ميسر ايندا ۽ عام ماڻهو پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو، پاڪستان تعميرات جي شعبي کي ان وقت کنيو جڏهن سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري اقتصادي صورتحال ابتڙ هئي، وڏن شهرن جي لاءِ نوان ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن، ان سان شهري سهولتن جي فراهمي ۾ ب??تري ايندي، تعمير??تي شعبي جي لاءِ فڪس ٽيڪس رجيم ۾ هڪ سال جي توسيع ڪئي وئي آهي. هتي ملڪ ۾ تعمير??تي شعبي جي لاءِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان ڪندي وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ 163 ارب روپين جا تعمير??تي شعبا شروع ٿي چڪا آهن، تعمير??تي شعبي جي فروغ سان پنجاب ۾ 15 سئو ارب روپين جون اقتصادي سرگرميون شروع ٿينديون، انهن من??وبن سان روزگار جا اڍائي لک موقعا پيدا ٿيندا. پنجاب ، خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ تعمير??تي شعبو حڪومتي مراعتن مان فائدو وٺي رهيو آه??، گهٽ آمدني وارن طبقن کي انهن من??وبن سان رهائشي سهولتون ميسر اينديون، تعمير??تي شعبي جي فروغ ۽ گهرن جي لاءِ فنانسنگ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي بئنڪون گهرن جي تعمير ۽ تعمير??تي منصوبن لاءِ فنانسنگ ڪري رهيون آهن.