لاهور – 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته مون تي هڪ سياسي بيان کڻي ڪوڙو ڪيس ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مون 26 سيپٽمبر 2020ع جي پروگرام ۾ ڪنهن ڪمپني جو نالو نه کنيو جڏهن ته 29 سيپٽمبر تي جعلي ليٽر ٺاهيو ويو ڇو ته ??هو اهڙي شخص جي صحيحن سان ٺاهيو ويو ج??ڪو پاڪستان ۾ نه هو، 20 سيپٽمبر تي هڪ ٻيو ليٽر ٺاهيو ويو ۽ منهنجي خلاف ڪريمنل پروسيڊنگ س??ن گڏ ڪيس داخل ڪرايو ويو جڏهن ته ??ام طور تي اهڙو ڪيس سول ڪورٽ ۾ ويندو آهي ۽ اهو ڄاڻي واڻي ڪريمينل پروسيڊنگ ۾ موڪليو ويو جڏهن ته ??هو ڪيس معزز عدالت ۾ آهي جنهن جي حقيقتن جو فيصلو جلد عدالت ڪندي. هو گورنر هائوس لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.