اسل??م آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وز??راعظم عمران خان ملڪ جي سمورن علائقن جي هڪ جهڙي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. وز??راعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن کي خطاب ڪندي هن گلگت بلتستان ۾ ٺهندڙ نئين حڪ??مت کي مبارڪباد ڏني ۽ علائقي جي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر چيو ته گلگت بلتستان انتهائي خو??صورت علائقو آهي، هتي سياحت سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا قدم کنيا وڃن. هن چيو ته وز??راعظم عمران خان گلگت ايئرپورٽ جي توسيع جي حوالي سان هڪ منصوبي تي غور ڪري رهيو آهي جنهن جو ڊرافٽ گلگت بلتستان حڪ??مت سان شيئر ڪيو ويندو.