اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو 25 سالا ڊگهو سياسي ڪيريئر چئلينجز سان ڀريل آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو ته انهن کي ڪهڙي طرح منهن ڏيڻو آهي، وزيراعظم عوام کي ريليف ڏئي انه?? جي زندگي جي معيار ۾ تبديلي آڻڻ جي مشن تي گامزن آهي، وزيراعظم عمران خان پهرين ڏينهن کان پنهنجي واعدي تي قائم آهي ته بدعنوان عنصر?? جي خلاف بنا ڪنه?? فرق جي ??حتساب جو عمل جاري رهندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جي ??ياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم پاڻ قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ ورتو آهي جڏهن ته ان کي آئيني يا قانوني طور تي ا?? جي ڪا ضرورت نه هئي. علي محمد خان چيو ته مون کي پارلياماني ميمبرن تي فخر آهي جن وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ اسان عمران خا?? جي قيادت ۾ ملڪ جي ??وشحالي ۽ ترقي جو سفر جاري رکنداسين.