اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي گهر ماڻهن کي پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ ۾ سهولت ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ذاتي ڇت هر غريب ۽ گهٽ آمدني واري ماڻهو جو حق آهي، تعميراتي سرگرمين جي فروغ سان شروع ٿيندڙ مع??شي سرگرمي جو سڌوسنئون فائدو سنڌ جي عوام کي ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊيولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هائوسنگ ۽ تعميراتي جي من??ور ٿيل ۽ غور هيٺ من??وبن جي ڪل مع??شي سرگرمي جو ??اٿو 2.07 ٽريلين رپيا آهي، 17 اپريل 2020ع کان هيستائين هائوسنگ اينڊ ڪنسٽرڪشن جي ڪل 307 من??وبن ۾ 39.83 ملين مربع فٽ تي تعميرات جي من??وري ڏني وئي آهي، وڌيڪ 64.12 ملين مربع فٽ زمين تي تعمير جي 526 من??وبن جي من??وري جو عمل غور هيٺ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هيستائين من??ور ٿيل من??وبن جي نتيجي ۾ 796.5 ارب رپين جي مع??شي سرگرمي پيدا ٿي رهي آهي، غور هيٺ من??وبن جي من??وري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 1.28 ٽريلين رپين جي مع??شي سرگرمي پيدا ٿيندي، انهن من??وبن جي نتيجي ۾ اڍائي لک ماڻهن کي سڌوسنئون جڏهن ته ساڍا چار لک ماڻهن کي اڻ سڌي طرح نوڪرين جا موقعا ملندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايل ڊي اي پاران 11.03 ملين مربع فٽ زمين تي تعميرات جي 3435 من??وبن جي من??وري ڏني وئي آهي جڏهن ته 700 من??وبا من??وري جي لاءِ غور هيٺ آهن، راولپنڊي ڊيولپمينٽ اٿارٽي پاران 4.8 ملين مربع فٽ تي تعميرات جي هيستائين 67 من??وبن جي من??وري ڏني وئي آهي جڏهن ته 51 من??وبا غور هيٺ آهن. سي ڊي اي پاران 12.8 ملين مربع فٽ تي تعميرات جي 121 من??وبن جي من??وري ڏني وئي آهي جڏهن ته 18.7 ملين مربع فٽ تعميرات جا 142 من??وبا من??وري جي لاءِ غور هيٺ آهن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران 9.1 ملين مربع فٽ جي 33 من??وبن جي من??وري ڏني وئي آهي جڏهن ته 40.8 ملين مربع فٽ جا 269 من??وبا من??ورين جا من??ظر آهن. وزيراعظم سنڌ ۾ من??ورين جي عمل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته تعميراتي سرگرمين جي فروغ سان پيدا ٿيندڙ مع??شي سرگرمي جو سڌوسنئون فائدو سنڌ جي عوام ۽ صوبي کي ٿيندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وڏي عرصي کان من??ورين سبب التوا جو شڪار ٿيندڙ تعميراتي من??وبن جا سمورا ڪيسز نيب ڏانهن موڪليا ويندا ته جيئن ذميوارن جو تعين ڪري سگهجي ۽ ڄاڻي واڻي دير ڪندڙ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي.