اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) پرڏي??ي وزير شاهه محمود قريشيءَ سان برطانوي هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ واجد خان پرڏي??ي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پا??ستان ۽ برطانيه وچ ۾ ٻه طرفن ناتن، ڪشمير مسئلي سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. شاهه محمود قريشي برطانوي هائوس آف لارڊز جو ميمبر چونڊجڻ تي لارڊ واجد خان کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پا??ستان برطانيه سان پنهنجن ٻه طرفن ناتن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. شاهه محمود قريشي چيو ته پا??ستانين جو وڏو انگ برطانيه ۾ ترسيل آهي جيڪو مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. لارڊ واجد خان ڪورونا عالمي وبائي صورتحال سبب برطانيه ۽ يورپي ملڪن ۾ ترسيل پا??ستاني برادريءَ جي درپيش مسئلن کان پرڏي??ي وزير کي آگاهه ڪيو. پرڏي??ي وزير چيو ته پرڏيهه ۾ ترسيل پا??ستاني برادريءَ جي ڀلائي اسان جي حڪ??مت جي اهم ترجيحات ۾ شامل آهي. پرڏي??ي وزير پا??ستان ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سياسي، واپاري ۽ ڊگهي مُدي وارن ناتن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.