جده – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعودي عر?? جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي سعودي عر?? جي دوري جي م??قعي تي ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هن وقت سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان جي سعودي عر?? جي ٽن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم سان گڏ آهي. پرڏيهي وزير ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش کي ورجايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي گڏيل لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو.