وزيراعظم سان ٽيوٽا موٽر ڪارپوريشن جي وائيس چيئرمين ۽ انڊس موٽرز جي سي اي او جي ملاقات

image
APP86-200521 ISLAMABAD: May 20 – Vice Chairman Toyota Motors Corporation Shinji Yanagi and CEO Indus Motors Ali Asghar Jamali called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ٽيوٽا موٽر ڪارپوريشن جي وائيس چيئرمين شنجي ياناجي ۽ انڊس موٽرز جي سي اي او علي اصغر جمالي ملاقات ڪئي ۽ آٽو صنعت ۾ هائبرڊ ٽيڪنالاجي جي مقامي سطح تي مينوفيڪچرنگ شروع ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽيوٽا ڪمپني پاڪستان ۾ آٽو صنعت ۾ هائبرڊ ٽيڪنالاجي جي مقامي سطح تي مينوفيڪچرنگ شروع ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿي ان کانسواءِ وزيراعظم کي مثبت ۽ ڪاروبار دوست حڪومتي پاليسين جي ڪري وڏي پئماني جي صنعت ۽ خاص طور آٽو انڊسٽري ۾ ٻاهرين سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو.

مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena