اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قومي احتساب بيورو (نيب) تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور جي ٽن سالن ۾ 484 ارب روپيا وصول ڪيا آهن، جڏهن ته 1999ع کان 2017ع تائين صرف 290 ارب روپين جون وصوليون ٿ??ون?? مسلم ليگ ن جي 10 سالا حڪومتي دور ۾ پنجاب جي بدعنواني جي ??ات??ي واري کاتي جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي، جڏهن حڪومت ڏوهارين جو تحفظ نٿي ڪري ۽ احتساب جي مشينري کي بنا ڪنهن مداخلت ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿي ته نتيجا حاصل ٿيندا آهن، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مسلم ليگ (ن) جي 10 سالن جي حڪومتي دور ۾ ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت جي دور ۾ پنجاب ۾ اينٽي ڪرپشن جي کاتي جي ڪارڪردگي ۾ فرق نمايان ??هي?? هن چيو ته مسلم ليگ ن جي 10 سالن جي حڪومتي دور جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي جي ابتڙ موجوده حڪومت جي 31 مهينن جي دوران پنجاب جي بدعنواني جي ??ات??ي واري کاتي بدعنوان عنصرن کان 220 ارب روپيا واپس وصول ڪيا، وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ ن جي 10 سالن جي حڪومتي دور ۾ صرف 2 ارب 60 ڪروڙ روپين جي زمين آجي ڪرائي وئي هئي، جڏهن ته اسان جي حڪومت هن وقت تائين 192 ارب جي سرڪاري زمين آجي ڪرائي ??هي?? مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ صرف 43 ڪروڙ روپين جي مقابلي ۾ اسان جي دور ۾ 2 ارب 35 ڪروڙ روپين جي نقد رڪوري ٿي ??هي?? ان کانسواءِ مسلم ليگ (ن) جي 10 سالن جي حڪومتي دور ۾ ڪا سڌي طرح روڪ رقم وصول نه ٿي.