اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذو?? ماڻهن کي پريشاني کان بچائڻ جي لاءِ عوامي جاين تائين انهن جي پهچ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري کي خصوصي ماڻهن طرف گڏيل تعاون تي ٻڌل دوستاڻو ??ويو اختيار ڪرڻ گهرجي، يونيورسٽين جا استاد ۽ شاگرد خصوصي ماڻهن جي سهولت موجب عمارتن جي ڊيزائن ۽ تعمير جي لاءِ تجويزون ڏين. هو خصوصي ماڻهن جي لاءِ سازگا?? ماحول فراهم ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.