اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي قيام ج?? 70 هين سالگرهه جي موقعي ت?? صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ چيني صدر شي چن پنگ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه سي پيڪ جي ترقي کي بلند معيار تي فروغ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل خطن جي مٽاسٽا ڪئي آهي ۽ پنهنجي پنهنجي حڪومتن ۽ عوام پاران هڪ??ئي کي مبارڪباد ڏني، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي چيني هم منصب جي نالي خط ۾ چيو ته هن تاريخي موقعي ت?? اسان پاڪستان ۽ چين دو??تي کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ ۽ گڏيل مستقبل جي حامل ويجهي پاڪ چين ڪميونٽي کي جوڙڻ جي عزم ج?? و??جا??ُ ڪريون ٿا. هن چيني صدر جي سٺي صحت ۽ چين جي عوام ج?? خوشحالي ۽ ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف چين جي صدر شي چن پنگ پنهنجي خط ۾ چيو ته چين ۽ پاڪستان هر آزمائش تي پورو لهندڙ اسٽريٽجڪ پارٽنرز آهن، جيڪي سدائين بنيادي مفاد ۽ وڏي اهميت رکندڙ معاملن تي هڪ??ئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ دو??تي 70 سالن کان قائم ۽ دائم آهي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي عوام ج?? سڀ کان قيمتي اثاثو بڻجي چڪي آهي.