اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ۽ ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل مراد علي ??اه?? جي بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت وٽ هر نااهلي جو جواز وفاق تي چڙهائي آهي، گذريل 13 سالن کان سنڌ تي مڙهيل پارٽي سنڌ ج?? عوام کي بنيادي سهولتن تائين فراهم نه ڪري سگهي. ڊاڪٽر شهباز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پنجاب ۾ ايئر ايمبولينس سروس شروع ??ئي پئي وڃي پر سنڌ ج?? عوام اڄ به ريسڪيو سروس کان محروم آهي، سنڌ ۾ اڄ به رڳو ڀٽو زندهه آهي عوام نه. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته سنڌ سرڪار هر شيءَ جي ذميواري وفاق تي وجهي ذميواري کان آجي نه ٿي سگهندي، پيپلزپارٽي جي ڪاغذي ڪارڪردگي جي ڪري اڄ سنڌ ج?? ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي تائين ميسر نه آهي، ٿر ۾ ماڻهو بک سان مري ره??ا آهن، اندرون سنڌ علاج جي ڪا سهولت ميسر نه آهي.