اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۾ ايڇ اي سي جي منشيات جي خاتمي ۽ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته شاگردن جي اخلاقي تربيت جي حوال?? سان تدريسي حصي ۾ اضافي ۽ داخلا وٺندڙ شاگردن جو انگ وڌايو وڃي جڏهن ته ڪورونا جي ڪري تعليمي نقصان کان بچڻ جي لاءِ ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هو ڪيپيٽل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪانلاجي (ڪس??) اسلام آباد بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. ڪس?? يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمند منصور احمد يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين بابت صدر کي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي صدر يونيورستين تي زور ڏنو ته اهي ايڇ اي سي جي منشيات جي خاتمي ۽ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائين، ايڇ اي سي جو خصوصي ماڻهن کي ٽيوشن فيس ۽ هاسٽل فيس جي مد ۾ ڇوٽ ڏيڻ خوش آئنده آهي. صدر چيو ته يونيورسٽيون شاگردن جي اخلاقي تربيت جي حوال?? سان تدريسي حصي ۾ اضافو ڪن، يونيورسٽين ۾ تعليمي معيار بهتر بڻائڻ ۽ داخلا وٺندڙ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪس?? يونيورسٽي پنهنجي ويزن کي جديد گهرجن موجب آڻيندي مقصد حاصل ڪرڻ جي مدو تعين ڪري. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته يونيورسٽي جو آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏي جڏهن ته يونيورسٽي فاصلاتي تعليم جو مقدار وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، ڪورونا جي ڪري قيمتي تعليمي وقت جو زيان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جديد ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ته پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر يونيورسٽين جي وچ ۾ رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽيون انڊسٽري جي ضرورتن موجب شاگردن کي هنر سيکارين. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪس?? يونيورسٽي ايڇ اي سي جي منشيات جي خاتمي ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ پاليسي تي عملدرآمد شڊروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪس?? يونيورسٽي مان هيستائين 19 هزار ک??ن وڌيڪ شاگرد فارغ التحصيل ٿي چڪا آهن، مختلف پروگرامن ۾ هن وقت 5 هزار ک??ن وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. بريفنگ مجب ڪس?? يونيورسٽ?? سال 21 – 2020ع ۾ 14 ڪروڙ رپين ک??ن وڌيڪ جون اسڪالرشپس ڏنيون. صدر تعليمي شعبي ۾ ڪردار ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ نئين پاليسي اختيار ڪرڻ تي ڪس?? يونيورسٽي ک?? ساراهيو.