اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومن جي گڏيل ترقي لاءِ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ نظم ۽ ضبط کي اڻٽر قرار ڏ??ند?? شاگردن تي زور ڏن?? آهي ته هو پنهنجي تهذيب ۽ قدرن جي باري ۾ آگاهي حاصل ڪن ۽ قائداعظم جي فرمان ”ايمان، اتحاد ۽ تنظيم“ جي عملي تصوير بڻجن، جديد دور ۾ علم حاصل ڪرڻ جا ذريعا بدلجي ويا آهن، ڪورونا وائرس جي وبا کانپوءِ صحت ۽ تعليم جي فراهمي ۽ ڪم ڪرڻ جي انداز ۾ به نوان طريقا متعارف ٿيا آهن، قومون قدرتي وسيلن سان نه، ذهني صلاحيتن سان بڻجنديون آهن، ذهن سازي سان پاڪستاني قوم عظيم تر بڻجندي، پاڪستان جي ترقي لاءِ هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ بدران اسان کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ?? آهي. آرمي برن ڪاليج ۾ والدين جي ڏهاڙي جي سالياني تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته تعليم سان گڏوگڏ صحتمند هم نصابي سرگرمين ۽ راندين جا موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن. اهي سرگرميون شاگردن جي زندگي ۾ توازن پيدا ۽ انهن جي ڪردار سازي ڪنديون آهن. هن چيو ته مون پنهنجي استادن جو وڏو قدر ڪريان ٿو، استاد وڏي نعمت هوند?? آهي، ڪالهه مون ٻارن تي جسماني سزا جي خلاف قانون تي صحيحون ڪي??ن، بدليل زماني ۾ علم حاصل ڪرڻ پهرين کان وڌيڪ آسان ٿي وي?? آهي. ماضي ۾ استاد ئي علم حاصل ڪرڻ جو ذريعو هئا، اسلامي تا??يخ ۽ حديث جو علم به استادن جي ذريعي ئي پکڙيو، هاڻي اليڪٽرانڪ دنيا ۾ علم جا ڊجيٽل ذريعا موجود آهن، نئون نسل اخبارن جي بدران اليڪٽرانڪ ذريعن مان فائدو کڻي رهي?? آهي، علم حاصل ڪرڻ جا طريقا ۽ ذريعا بدلجي ويا آهن، وقت سان گڏوگڏ اسڪولن تي ٻار وڌندو ۽ آن لائن تعليم جي ضرورت پوندي، روايتي طرز تعليم جي جاءِ تي نوان طريقا وٺي رهيا آهن، ڪووڊ – 19 دوران صحت ۽ تعليم جو نظام به بدلجي وي?? آهي، ڪيتريون ئي ڪمپنيون پنهنجي ملازمن کي گهر کان ڪم جا موقعا فراهم ڪري رهيون آهن، صدر چيو ته گهر ۽ اسڪول ڪنهن به ٻار جي تربيت ۾ اهم ڪردار اسا ڪندا آهن. ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ ٻارن جي تربيت اڻٽر آهي. هن چيو ته لحاظ، وڏن جي عزت، همدردي، ماحول جو تحفظ، اخلاق سان ڳالهه ڪرڻ، هڪ ٻئي جو خيال رکڻ ۽ انساني همدردي اسان جي تهذيب ۽ قدرن جو حص?? آهن. نبي ڪريم ﷺ اسان کي ان جي تعليم ڏني آهي، صدر چيو ته پاڪستاني قوم ايثار ۽ قرباني جي جذبي سان معمور آهي، زلزلي دوران قوم جنهن جذبي جو مظاهرو ڪيو ان جي مثال نٿو ملي، هن چيو ته يورپ ۽ اولهه جيڪي دنيا کي انسانيت جو درس ڏيندا آهن انهن جي پنهنجي ڪيفيت اها آهي ته سپر پاورز جي ظلم ۽ ستم کان تنگ اچي هجرت ڪندڙ مظلوم ماڻهن، عورتن ۽ ٻارن سان ڀريل ٻيڙين کي کلي سمنڊ ۾ واپس ڌڪيو و??ند?? آهي، ان جي ابتڙ اسان جي تهذيب ۽ قدر اهي آهن ته اسان 40 لک افغان پناهگيرن کي 40 سالن کان پناهه ڏئي رکي آهي ۽ اسان مان ڪنهن به ڪڏهن اها ڳالهه تا??ين ناهي ڪئي ته اهي ماڻهو اسان تي بار آهن. صدر چيو ته اسان کي پنهنجي ٻارن کي پنهنجي تهذيب ۽ قدرن کان آگاهه ڪرڻ?? آهي، هن چيو ته قائداعظم اسان کي ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جو درس ڏن?? آهي، قومن جي زندگي ۾ نظم ۽ ضبط جي اهميت سڀ کان وڌيڪ آهي، ان کانسواءِ ڪا به قوم ڪاميابي سان همڪنار نٿي ٿي سگهي، هن چيو ته قدرتي وسيلن سان قومون ناهن ٺهي??ن، پر قومن جي تعمير تا??يخ ۽ ذهن سازي سان ٿ??ند?? آهي. پاڪستان جي ترقي لاءِ اسان کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ?? آهي، هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ سان پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي. صدر چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران اسان ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جو مظاهرو ڪيو، بهترين حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن جي ڪري ڀارت ۽ ٻين ملڪن جي ابتڙ اسان وبا کان وڌيڪ محفوظ رهياسين.