اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ل??گ (ن) سميت مخالف ڌر جي پارٽين تي زور ڏنو آهي ته هو ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ پيش ڪيل آئيني ترميمي بل جي حمايت ڪن، صوبي جي قيام لاءِ اسان ٻين پارٽين وانگر لڙڪ ناهن هاريا، عملي قدم کڻي ڏيکاريا آهن، وزيراعظم جي خلاف مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، شاهه محمود قريشي چ??و ته هن وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي آئيني ترميمي بل کي پيش ڪيو آهي، وزيراعظم ان بل جو جائزو وٺي ان جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ سرڪيوليشن جي ذريعي ڪابينا ميمبرن کان ان جي منظور?? ورتي وئي، ڏکڻ پنجاب صوبي جو قيام پاڪستان تحريڪ انصاف جي چونڊ منشور جو حصو آهي، هن چ??و ته 28 مارچ تي قومي اسيمبلي جي ايجنڊا تي ڏکڻ پنجاب صوبي جو آئيني ترميمي بل آندو پيو وڃي اهو ڏکڻ پنجاب جي ٽي چار ڪروڙ ماڻهن لاءِ خوش آئنده اڳڀرائي آهي، موجوده حڪومت ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ قاعدا ۽ ضابطا جوڙيا آهن، ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ بڻايو ۽ ان لاءِ فنڊز مختص ڪيا، ملتان ۽ بهاولپور ۾ سيڪريٽريٽس ۾ مختلف آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي، هن چ??و ته اڄ اسان ڏکڻ پنجاب جي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ل??گ ن سميت مخالف ڌر جي پارٽين تي زور ڏنو آهي ته هو ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ پيش ڪيل آئيني ترميمي بل جي حمايت ڪن. يوسف رضا گيلاني کي جيڪڏهن صوبو گهرجي ته هو اسان جي بل کي ووٽ ڏي، جيڪڏهن هو مخلص آهي ته مانگر مڇ جا ڳوڙها واهڻ بدران سنجيدگي سان ان ترميم تي اسان جو ساٿ ڏي. توهاڻ وزيراعظم جي حيثيت سان ڏکڻ پنجاب جي عوام کي لولي پاپ ڏنو، پرڏيهي وزير چ??و ته پاڪستان تحريڪ انصاف پهرين حڪومت آهي جنهن ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون آهن، هن چ??و ته ملڪي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي ته ڏکڻ پنجاب لاءِ ڌار ساليانو ترقياتي پروگرام پيش ڪيو ويو آهي، پيپلزپارٽي دعويٰ ڪري ٿي ته هو ان صوبي جي حق ۾ آهي، حڪومت ۽ ان جون اتحادي پارٽيون ان ترميم جي حق ۾ آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ل??گ ن ان جي حمايت ڪن، هن چ??و ته اهو مقامي ماڻهن جو پراڻو مطالبو آهي ۽ ان سان وفاق وڌيڪ مضبوط ٿيندو، ڏکڻ پنجاب جي عوام کي اپيل آهي ته هو پنهنجي قومي اسيمبلي ميمبرن کي درخواست ڪن ته هو ان جي ٻارن جي مستقبل لاءِ ان جو ساٿ ڏين، ڏکڻ پنجاب جا شهري، عورتون ۽ دانشور ان بل جي حمايت لاءِ آگاهي پيدا ڪن. هن چ??و ته ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام ۾ دير ناهي ڪئي، مخالف ڌر اڳواڻ بل پڙهڻ کانسواءِ ان کي دوکو قرار ڏنو ۽ ان جي خلاف بي بنياد تنقيد ڪئي، اهو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ويندو، اتي هي پنهنجون تجويزون ڏئي سگهن ٿا، اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اتفاق راءِ کانپوءِ ان کي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. اسان حڪومت ۾ هجون يا نه هجون ان بل جي حمايت ڪنداسين، پهرين اهي چوندا هئا ته ووٽ کي عزت ڏيو، هاڻي انهن جو اهو نعرو آهي ته ووٽ کي نوٽ ڏيو، هڪ سوال جي جواب هن چ??و ته وزيراعظم جي خلاف مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي. هن چ??و ته اسان ان جي رٿ جو جمهوري، آئيني ۽ سياسي انداز ۾ مقابلو ڪنداسين.