اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پ??ڪستان ۽ سعودي عرب عوامي سطح تي اسلامي ڀائيچاري جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آ??ن، پاڪستاني پنهنجي سعودي ڀائرن سا?? پراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سا?? ڏسن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي دوري جي تياري جي حوالي سا?? اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي، سمنڊ پار پاڪستانين واري وفاقي وزير ساجد حسين طوري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پ??ڪستان ۽ سعودي عرب عوامي سطح تي اسلامي ڀائيچاري جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آ??ن، پاڪستاني پنهنجي سعودي ڀائرن سا?? پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سا?? ڏسن ٿا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو انهن لاڳاپن کي خاص طور تي روزگار، توانائي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ موثر سفارشون جوڙي. واضح رهي ته وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو هي پهريون پرڏيهي دورو آهي جيڪو ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اڳ کان موجود ٻطرفن اسٽريٽجڪ لااڳپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو.