حيدرآباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر حيدرآباد ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي سلسلي ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪم??نر حيدرآباد فواد غفار سومرو ۽ ايڊيشنل ڪم??نر ون حيدرآباد فرخ شهزاد جي قيادت ۾ شهباز بلڊنگ حيدرآباد کان هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو جيڪا ٿڌي سڙڪ کان ٿيندي پوسٽ ماسٽر جنرل جي آفيس تي ??ڄاڻي تي ??هتي. واڪ جي پڄاڻي تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪم??نر حيدرآباد فواد غفار سومرو چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميري مسلمانن کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي جڏهن ته ڀارت پنهنجي طاقت ذريعي ڪشميري ??ائرن تي ظلمن جو سلسلو بند ڪري، دنيا ۾ ڀارت جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي ته هو هڪ ظالم ۽ جابر ملڪ آهي جيڪو بيگناهه ڪشميري ??ائرن تي ظلم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستن جو هر شخص آخري دم تائين ڀارت جي اهڙي ناروا سلوڪ جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪندو رهندو. ڊپٽي ڪم??نر حيدرآباد فواد غفار سومرو وڌيڪ چيو ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميرين کي ڀارت جي ظلمن مان ڇوٽڪارو ملندو، اسان بحيثيت پاڪستاني پنهنجي ڪشميري ??ائرن سان گڏ آهيون. واڪ ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪم??نر حيدرآباد قائم اڪبر نمائي، اسسٽنٽ ڪم??نر هيڊڪوارٽر ڪم??نر آفيس سجاد کهڙو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر محبوب الزمان، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر رضا محمد ميمڻ، وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي آفيسرن کانسواءِ سماجي تنظيمن ڀائي خان ويلفيئر ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري محمد ياسين آرائ??ن، يوٿ ويلفيئر سوسائٽي جي باني ۽ جنرل سيڪريٽري سيد فهيم الدين شاهه، مرڪزي صدر لالا علي بخش پٺاڻ کانسواءِ ٻين سماجي تنظيمن جي عهديدارن، مختلف اسڪولن جي شاگردن، اسڪائوٽس، استادن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.