اسلام آباد -14 آگسٽ (ا?? پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره قوم کي 75هين يوم آزادي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي، ته اسان سڀني کي گڏجي ملڪ جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جي 75هين يوم آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي تقريب جي حوالي سان هن چيو ته گذريل 75 سالن دوران ملڪ ڪيترائي لاها چا??ها ڏٺا ۽ مختلف مرحلن مان گذريو آهي. هن چيو ته اسان کي هڪٻئي کي هيٺاهين ڏيکارڻ بجاءِ پنهنجي غلطين مان سکڻ گهرجي ۽ پاڪستان کي هڪ جديد ۽ خوشحال بنائڻ لاءِ سخ?? محنت ڪرڻ گهرجي.