اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوحه پهچي ويو آهي، قطر جي ٽ??انسپورٽ واري وزير جاسم سيف السليطي دوحه جي هوائ?? اڏي تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي دعوت تي قطر جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم جو قطر جو دورو پاڪستان قطر ٻطرفن لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي امن جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي تعاون جي فروغ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وز??رت عظميٰ سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جي پهرين قطر جي دوري جي دو??ان پاڪستان ۾ زراعت، قابلت جديد توانائي، هوابازي، انفراسٽرڪچر، سياحت، لائيف اسٽاڪ، کاڌي پيتي جي شين جي درآمدي، صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ قطري سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. قطر جي دوري دو??ان وزيراعظم قطر جي امير ۽ قطر جي ٻي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندو.