اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀائر ملڪ گڏيل عرب ام??رات مان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 50 ملين ڊالر جو ام??ادي سامان اچڻ شروع ٿي و??و آهي. گذريل رات صدر محمد بن زيد النهان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ هن يقين ڏياريو ته هو ٻوڏ متاثرين جي ام??اد جاري رکندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته يو اي اي جي صدر جي دعوت تي منهنجو 3 سيپٽمبر تي گڏيل عرب ام??رات جو دورو طئي هو پر اسان سڄو ڌيان متاثرين جي ريليف ۽ بحالي تي ڏيڻ جي لاءِ ان دوري کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڻ سان گڏ بيهند?? ڀائ??ن ۽ ڀينرن جا سدائين قرضي رهنداسين.