اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي ايشيا پيسفڪ ريجن جي ميمبر ملڪن جو ٽيون ٻن ڏينهن وارو سيمينار (اڄ) اڱاري ک??ن پارليامينٽ هائوس ۾ شروع ٿيندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مهمانن جي آجيان، انهن جي لاءِ قومي اسيمبلي هال ۾ سيٽون مخصوص ڪرڻ سميت سڀني انتظام?? کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. مي??يا جي نمائندن لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ داخلا جي حوالي سان قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پي آر اي جي مشاورت سان فيصلو ڪيو آهي ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران قومي اسيمبلي جي 43 هين سيشن جي لاءِ جاري ڪارڊز ڪارائتا هوندا. ان کانسواءِ اسلام آباد ۾ رهندڙ فارن مي??يا جي نمائندن، ايڊيٽرز، بيورو چيف، اينڪر پرسنز ۽ ڪالم نگار?? کي جن جون ايس ڊي جيز تي لکڻيون آهن ۽ انهن وٽ قومي اسيمبلي جي 43 هين اجلاس جا ڪارڊز موجود نه آه?? کي خصوصي ڪارڊز ذريعي گهرايو ويو آهي. سيمينار جي افتتاحي تقريب 13 سيپٽمبر صبح 10 وڳي قومي اسيمبلي هال م ٿيندي جنهن جو خاص مهمان وزيراعظم محمد شهباز شريف هوندو. سيمينار جي پڄاڻي واري تقريب 14 سيپٽمبر ٽپهر 3 لڳي 15 منٽن کان 4 وڳي قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيندي. ان کانسواءِ ان ٻن ڏينهن واري سيمينار ۾ مختلف موضوعن تي بريڪ آئوٽ سيشن ٿيندا. ايس ڊي جيز تي آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن جي ميمبر ملڪ?? کي ان سيمينار جي شرڪت ڪندڙ?? کي پاڪستان ۾ تاريخ جي بدترين ٻوڏ جي تباهين ۽ ان س??ن پيدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو ويندو، جنهن جو بنيادي سبب عالمي موسمياتي تبديليون آهن جنهن س??ن پاڪستان بري طرح متاثر ٿيو آهي.