گڏيل قومون – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? مريم اورنگزيب چيو آهي ته گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديليون سڄي دنيا جو گڏيل مسئلو آهن، پاڪستان ۾ هن وقت ٻوڏ سبب هيلٿ ڊيزاسٽر آهي، سرديءَ اچڻ واري آهي، ٻوڏ متاثرين کي دوائون، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ چادرن وغيره جي سخت ضرورت آهي، جيڪي ماڻهو ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ چاهين ٿا اهي پنهنجي مرضي سان پاڻ اين ڊي ايم اي ۽ سول سوسائٽين جي ذريعي به مدد ڪري سگهن ٿا. گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ لابي ۾اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان ۾ ٻوڏ، موسمياتي تبديلي“ جي موضوع تي ٿيندڙ تصويري نما??ش جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيتريون ئي عورتون اميد سان آهن، هن وقت اتي ٻارن جي کير، ٻارن جي خوراڪ سميت ٻين شين جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته ??زي??اعظم سنڌ ۽ بلوچستا?? ۾ ??يمن جي ورڇ جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون هيون. انهن علائقن ۾ متاثرين جي ضرورت موجب خيما ورهايا پيا وڃن. هن چيو ته اين ڊي ايم اي روزاني جي بنياد تي عوام کي پنهنجي ڊيٽا فراهم ڪري ٿي ۽ عوام کي آگاهه ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن جڳهه تي ڪهڙي شيءَ جي ضرورت آهي. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سڀئي ڪوششو?? استعمال ۾ آنديون پيون وڃن. گذريل ڏينهن ??زي??اعظم ٻوڏ متاثرين جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي جنه?? ۾ ??بر پئي ته پيناڊول ۽ پيراسيٽامول جي گهٽتائي آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري پکڙجندڙ بيمارين ۽ ڊينگي جي ڪري پيناڊول ۽ پيراسيٽامول جي کپت ۾ اضافو ٿيو آهي. انهن دوائن جي ڊيمانڊ وڌيڪ ۽ پيداوار گهٽ آهي. جڏهن ته پيداواري لاڳت وڌيڪ آهي. هن چيو ته ??زي??اعظم واضح طور تي هدايت ڪئي آهي ته انهن دوائن جي قيمت?? ۾ ??ضافو نه ڪيو وڃي. ??زي??اعظم ناڻي واري وزارت کي انهن دوائن تي سبسڊي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته جيڪي اين جي اوز بند آهن انهن جي اسڪريننگ جو پراسيس گهرو وزارت شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هن وقت اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. جنهن کي ??زي??اعظم به ساراهيو آهي. جڏهن ته عوامي سطح تي به انهن کي ساراهيو پيو وڃي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ سول سوسائٽي جو هڪ ڪردار آهي، جڏهن حڪومتي ڪوشش?? ۾ ??هو ڪردار شامل ٿئي ٿو ته ڪنهن به ڊيزاسٽر کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت جو هن وقت ڌيان ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي تي آهي. گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ??زي??اعظم عالمي سطح تي آواز اٿاريو آهي، جيڪو سڄي دنيا جو گڏيل مسئلو آهي.