اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاڪ فوج جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آه??. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هر مشڪل ۽ آزمائش ۾ پاڪستاني فوج جون قربانيون ناقابل فراموش آه??. هن چيو ته حادثي ۾ شهادت ماڻيندڙ ملڪ ۽ قوم جا محسن آه??، سڄي قوم پنهنجي شهيدن کي انهن جي عظيم قربانين تي سلام پيش ڪري ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير شهيدن جي پونئي??ن سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.