اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شاعر مشرق علامه محمد اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو هڪ عظيم فلسفي، مفڪر ۽ اديب ئي نه پر قاري ۽ قرآن جو مفسر پڻ هو. اقبال ڏهاڙي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اقبال جو ڪلام ذهني ۽ قلبي انقلاب جو ذريعو هو ۽ اڄ به وقت ۽ سرحد جي قيد مان نڪري پوري دنيا تائين پهچي رهيو آهي. اقبال جي فڪر تي هلي پيام اقبال پورو ڪرڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان ??ي نوجوانن کي اڄ اقبال جي فڪر ۽ فرمانن مان ??هنمائي وٺڻ جي ضرورت آهي. انهي لاءِ نومبر مهيني جي هر ڏ??نه?? کي اسان فڪر اقبال جي فرو?? جو ذريعو ب??ائينداسين. وزيراعظم چيو ته اقبال شناس شخصيتن تي ٻڌل قومي ڪميٽي اهو فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. هڪ نوجوان ??و طرز عمل ڇا هجڻ گهرجي، اهو اسان کي حضرت اقبال کان ??کڻو آهي.