اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي او??ين ترجيح آهي، معاشي ترقي ۽ نوجوانن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪ??ي بلوچستان جي محرومين کي ??تم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان جي وقتي گورنر جان محمد جمالي ۽ سينيٽر ثنا جمالي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بلوچستان جي وقتي گورنر جان محمد جمالي ۽ سينيٽر ثنا جمالي بلوچستان جي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت جي قدمن ۽ گوادر بندرگاهه کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ حڪمن تي وزيراعظم کي ??راج تحسين پيش ڪيو.