اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي، ت?? پاڪس??ان ڪشميرين جي جائز مقصد لاءِ پنهنجي بنا فرق اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو، اڄ اسان ڪشميري عوام جي ناقابل تنسيخ حق خوداراديت کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن جائز ۽ منصفاڻي جدوجهد لاءِ پاڪس??ان جي غير متزلزل حمايت جي اظهار ڪندي چيو ته اسان ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏهاڪن تي ٻڌل مز??حمت ۾ بي لوث قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. عالمي برادري والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني ح??ن جي سنگين ۽ وڏي پئماني تي ڀڃڪڙين تي ڀارت کي جوابده قرار ڏيارڻ لاءِ عملي قدم کڻي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مطابق صدر مملڪت اهڙو اظهار ڪشمير جي يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ آچر ڏهاڙي هي ڏينهن ڪشميرين سان يڪجهتي طور ملهائي رهيا آهيون. هن چيو ته هي ڏينهن عالمي برادري جو ڌيان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن طرف ڇڪائڻ لاءِ ملهائيندا آهيون، صدر مملڪت چيو ته ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو حتمي فيصلو عوام جي مرضي موجب گڏيل قومن جي انتظام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ شماري جي جمهوري طريقي سان ڪيو وڃي. گذريل 75 سالن کان ڀارتي قابض فوج غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ دهشتگردي جو راڄ مڙهي رکيو آهي، ۽ ا??ان جي عوام کي ڊيڄارڻ ۽ دٻائڻ لاءِ بدترين مهم شروع ڪري رکي آهي. هن چيو ته 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي هٿياربند اهلڪارن جي موجودگي خطي کي هڪ کليل جيل بڻائي ڇڏيو آهي. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفن قدمن عالمي قانون، بشمول گڏيل قومن جي چارٽر، چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن جي هڪ کليل ڀڃڪڙي هئي. صدر مملڪت چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي آباديءَ جي ڍانچي ۾ مصنوعي تبديلين، سياسي انجنيئرنگ، مقامي ماڻهن جي معاشي پسماندگي ۽ ڪشميري سڃاڻپ ۽ ثقافت تي حملن ذريعي انهن غيرقانوني قدمن کي وڌيڪ طاقت ڏيڻ جي مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڀارت جو ظالماڻو رويو والاريل ڄمون ڪشمير ۾ عدالت جي مٿانهين قتل، من پسند حراست، حراست دوران تشدد، جبري گمشدگين ۽ پيلٽ گنز جي استعمال مان ظاهر ٿئي ٿو. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت ميڊيا تي پابندي لڳائي رکي آهي ۽ ڪشميري قيادت ۽ انساني ح??ن جي محافظن کي قيد ڪري رکيو آهي. انساني ح??ن جي ڪيترين ئي تنظيمن ۽ عالمي ميڊيا به ان ظلم ۽ ڏاڍ کي چڱيءَ ريت دستاويزي صورت ۾ اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن پاڪس??ان ڀارت کان مطالبو ڪري ٿو ته اهو گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي مبصرن، عالمي ميڊيا ۽ انساني ح??ن جي تنظيمن کي غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير تائين بنا رنڊڪ جي رسائي ڏئي ته جيئن اهي ا??ان جي صورتحال بابت درست معلومات حاصل ڪري سگهن، انساني ح??ن جي ڀڃڪڙين جي تحقيقات ۽ انهن کي رپورٽ ڪري سگهن. صدر مملڪت چيو ته پاڪس??ان علمي برادري ۽ تنظيمن تي زور ڀري ٿو ته اهي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني ح??ن جي سنگين ۽ وسيع پيماني تي ڀڃڪڙين تي ڀارت کي جوابده بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي. هن چيو ته پاڪس??ان لڳاتار ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ڄمون ڪشمير تڪرار جو جٽادار حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ئي ممڪن آهي. پاڪس??ان ان جائز مقصد لاءِ پنهنجي بنا فرق جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.