اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير ??واجه محمد آصف جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفد نائب وزيراعظم ملا عبدالغني برادر اخوند، دفاع واري وزي?? مولوي محمد يعقوب مجاهد، گهرو وزير ??راج الدين حقاني ۽ پرڏيهي وزير ??مير ??ان متقي سميت عبوري افغان حڪومت جي سينيئر قيادت سان ملاقات ڪئي. ترجمان موجب خطي ۾ ??هش??گردي خاص طور تي ٽي ٽي پي ۽ آءِ ايس ڪي پي پاران وڌندڙ خطري بابت معاملا بحث هيٺ آيا. ڌرين مختلف ادارن ۽ تنظيمن پاران ??هش??گردي جي خطري کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ ج?? لاءِ تعاون تي اتفاق ڪيو. بيان موجب ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ج?? لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.