اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بولان ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي وين تي خودڪش حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ??را??ن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جو جلد خاتمو آڻينداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر حملي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ز??مين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي.