اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان ??ارليامنيٽ هائوس ۾ اسٽيٽ ڪائونسل آف عمان جي ڊپٽي چيئرمين شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الحنائي ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب عمان جو پارلياماني وفد آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ عالمي آئيني ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عمان ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ??ڏي تعداد ۾ پاڪستاني ڪارڪنن جي شاندار ميزباني تي عمان جي عوام ۽ حڪومت کي سار??هي??. اسپيڪر آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ عمان جي شرڪت کي سار??هي??. ان ??وقعي تي دوستاڻي لاڳاپن جي نوعيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي اسپيڪر چيو ته پاڪستان عمان سان ??نهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن خطي ۾ امن ۽ استحڪ??م کي مضبوط بنائڻ ۾ عمان جي ڪردار کي به سار??هي??. ڊاڪٽر الخطاب اسپيڪر جي خير سگالي تي ٻڌل لفظن کي سار??هي??دي چيو ته عمان ??اڪستان کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ٿو، هن پارلياماني فرينڊ شپ گروپ جي ذريعي پارلياماني رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ته جيئن مختلف شعبن خاص طور تي موسمياتي تبديلين ۾ تعاون جون راهون ڳولي سگهجن، ملاقات ۾ ايم اين اي ناز بلوچ ??ه موجود هئي.