اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي ل??ءِ بجيٽ ۾ خصوصي ترقياتي منصوبا شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل عمل??ار?? کي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن سا?? تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? ملاقات ڪندڙن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين واري وفاقي وزير ساجد حسين طوري، قومي اسيمبلي ميمبرن محسن داوڙ ۽ محمد جمال الدين شامل هئا. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي ماڻهن جي ترقي حڪومت جي اولين ترج??حن ۾ شامل آهي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي بجيٽ جي حوالي سا?? خيبرپختونخواهه صوبي جي ضم ٿيل ضلعن جي مسلئن جي حل ل??ءِ قدمن ۽ ترقياتي منصوبن تي تجويزون ڏنيون. وزيراعظم انهن تجويزن جي آجيان ڪندي لاڳاپيل عمل??ار?? کي ان تي مشاورت ڪري انهن کي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.