اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نئين پي ٽي وي اڪيڊمي اط??اعات واري وزارت جي تاريخ جو اهم سنگ ميل آهي، ميڊيا، براڊ ڪاسٽنگ، فلمز، اداڪاري، ٽريننگ ۽ صلاحيت سازي جي لاءِ عالمي معيار جي سينٽر آف ايڪسي لينس جي شروعات ڪرڻ من??نج?? مقصد جي عڪاسي ڪري ٿو، نئين ٺوس اڪيڊمي سڄي پاڪستان خاص طور تي نوجو??نن جي لاءِ پهچ جوڳي آهي. پن??نج?? ٽوئيٽ ۾ وفا??ي وزير چيو ته پهرين فلم پاليسي جي حصي طور 13 مئي تي هن پي ٽي وي فلم انسٽيٽيوٽ جي شروعات ۽ انفارميشن سروس اڪيڊمي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان اڪيڊميز جي انضمام جو اعلان ڪيو هو جيڪو اط??اعات واري وزارت جي تاريخ جو هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته نئين ٺوس اڪيڊمي جو ٽيزر شيئر ڪندي مون کي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته آءِ ايس اي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان اڪيدميز جو انضمام ۽ ميڊيا، براڊ ڪاسٽنگ، فلمز، اداڪاري، ٽرننگ ۽ صلاحيت سازي جي لاءِ عالمي معيار جي سينٽر آف ايڪسي لينس جي شروعات ڪرڻ من??نج?? مقصد جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو سڄي پاڪستان خاص طور تي نوجو??نن جي لاءِ پهچ جوڳو آهي، اهو قدم من??نج?? دل جي تمام ويجهو آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ ميڊيا اوزارن ۽ سهولتن جو استعمال ڪندي اڪيڊمي جي مطالعاتي پروگرامن سان گڏ عملي تربيت کي پڻ شامل ڪيو ويو، نئين ٺوس اڪيڊمي نه رڳو اط??اعات واري وزارت، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جي نئين ۽ موجوده ملازمن جي لاءِ اوپن رهندي پر سڄي پاڪستان جا شاگرد ۽ نوجوان اڪيڊمي جي سمر اسڪول سميت ڪورسز ۾ داخلا وٺي سگهندا. اط??اعات واري وفا??ي وزير اط??اعات واري وزارت، پي ٽي وي اڪيڊمي، ريديو پاڪستان جي ٽيمن ۽ ايم ڊي پي ٽي وي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن پي ٽي وي فلم انسٽيٽيوٽ جي شروعات جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي. هن پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ??نيزه احمد کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو جنهن مختصر وقت ۾ ان انضمام کي عملي جامعو پارائڻ سان گڏوگڏ مطالعاتي پروگرام شروع ڪيو.