اسلام آباد_ 16 جون(اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف بجيٽ تقرير ۾ استادن جي حوالي سان ادا ڪيل لفظن تي معذرت ڪري ورتي جڏهن ته قومي اس??مبلي جي اس??يڪر ايوان جي ڪارروائي مان اهي لفظ حذف ڪرائي ڇڏيا. اس??مبلي ۾ ذاتي وضاحت تي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته الله توهان ک?? محفوظ رکيو، الله تعاليٰ سدائين اوهان ک?? پنهنجي عافيت ۽ پناهه ۾ رکي، الله جو جيترو به شڪر ??يو وڃي اهو گهٽ آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مو?? تقرير ڪئي هئي جنهن ۾ وائيس چانسلرز جي حوالي سان ڳالهه ڪئي هئي، وائيس چانسلرز اوهان ک?? منهنجي هڪ لفظ تي احتجاج ڪندي خط لکيو آهي، منهنجي درخواست آهي ته اهو لفظ ڪارروائي مان حذف ڪيو وڃي، مون ک?? پنهنجي ان لفظ تي افسوس آهي. آئون استادن جو دل سان احترام ڪريان ٿو. هُن منهنجي لفظ جي درست مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ سياست ٿي رهي آهي، اسان ک?? درسگاهن ۾ پنهنجي ٻارن جي تربيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو، منهنجي تقرير جو بنيادي مقصد ڪرپشن هو، ملڪ جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ ڪرپشن جي ڳالهه ڪئي هئي، جيڪڏهن استادن جي دل آزاري ٿي آهي ته معذرت چاهيان ٿو. قومي اس??مبلي جي اس??يڪر ??يو ته مون اهو خط ميڊيا ۾ ڏٺو آهي، اڃان تائين منهنجي آڏو ناهي آيو، اوهان هڪ سينئر سياستدان آهيو، اوهان جو وڏپڻو آهي ته اوهان معذرت ڪئي، استادن جو احترام اسان سڀني جي دلين ۾ آهي، استاد نئين نسلن جي تربيت ڪندا آهن، اسان استادن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي سمورن وائيس چانسلرز کي دعوت ڏني هئي، هن چيو ته سمورن ميمبرن ک?? گهرجي ته خطاب دوران لفظن جي چونڊ درست ڪن، اس??يڪر خواجه محمد آصف جي تقرير مان اهو لفظ حذف ڪري ڇڏيو.